سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ڪيتري برسات پئي، ڊيٽا جاري

سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ڪيتري برسات پئي، ڊيٽا جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ موجب ميرپورخاص ۾ 48، حسين بخش مري ۾ 48، شجاع آباد ۾ 26، ڏهرڪي ۾ 17، سنڌڙي ۾ 11 ۽ جهنڊو ۾ 8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي. ڪنري ۾ 47 ملي ميٽر، عمرڪوٽ ۾ 17 ملي ميٽر، سامارو ۾ 3 ملي ميٽر ۽ پٿورو ۾ 1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڇاڇرو ۾ 42، مٺي ۽ ڏيپلو ۾ 40-40، ننگرپارڪر ۾ 38، ڪلوئي ۾ 33، دلي ۾ 21، اسلام ڪوٽ ۾ 16. شهدادپور ۾ 43، سانگهڙ ۽ ڄام نواز علي ۾ 20-20، سکر ۾ 14، سنجھورو ۾ 10 ملي ميٽر برسات پئي. نوابشاهه ۾ 7 ملي ميٽر، کپرو ۾ 5 ۽ ٽنڊي آدم ۾ 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪوٽڙي ۾ 10 ملي ميٽر، ٿاڻي بولا خان ۾ 4 ملي ميٽر، مانجهند ۾ 1 ملي ميٽر برسات، هالا ۾ 29 ملي ميٽر، مٽياري ۾ 27 ۽ سعيد آباد ۾ 19 ملي ميٽر برسات پئي. چمبڙ ۾ 28 ملي ميٽر، ٽنڊوالهيار ۾ 19 ملي ميٽر ۽ جھنڊو مري ۾ 6 ملي ميٽر برسات پئي. ٽنڊي محمد خان ۾ 13 ملي ميٽر، ٽنڊي غلام حيدر ۾ 19 ملي ميٽر، بلڙي شاهه ڪريم ۾ 8 ملي ميٽر برسات پئي. قاسم آباد ۾ 13، حيدرآباد سٽي ۾ 11، حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ 9-9 ، بدين ۾ 53 ملي ميٽر، ٽنڊي باگو ۾ 21 ملي ميٽر، ماتلي ۾ 20 ملي ميٽر، تلهار ۾ 17 ملي ميٽر ۽ شهيد فاضل راهو ۾ 13 ملي ميٽر برسات پئي. جاتي ۾ 52، شاهه بندر ۾ 10، کارو ڇاڻ ۾ 6، سجاول ۽ ميرپور بٺورو ۾ 5-5 ملي ميٽر برسات پئي. ڪيٽي بندر ۾ 18، ٺٽو ۾ 17، ميرپورساڪرو 14 ۽ گهوڙا ٻاري ۾ 10 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ملير ضلعي جي بن قاسم ٽائون ۾ 22، ابراهيم حيدري ۾ 18، گڊاپ ۽ شاهه مريد ۾ 17-17، ميمڻ ڳوٺ ۾ 16 ۽ ايئرپورٽ ۾ 13 ملي ميٽر بارش ٿي. گلشن اقبال ۾ 21 ملي ميٽر، فيروز آباد ۾ 15 ملي ميٽر، اوڀر ضلعي جي گلزار هجري ۽ جمشيد ڪوارٽرز ۾ 13 ملي ميٽر برسات پئي. سينٽرل ضلعي جي نيو ڪراچي ۾ 30، ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ 28، لياقت آباد ۾ 24 ۽ گلبرگ ۾ 22. اولهه ضلعي جي منگھو پير ۾ 43، اورنگي ۽ مومن آباد ۾ 8-8 ملي ميٽر برسات پئي. سائيٽ ايريا ۾ 28 ملي ميٽر، ميونسپالٽي ۾ 12 ملي ميٽر، ماڙيپور ۾ 10 ۽ ڪياماڙي ۾ 6 ملي ميٽر برسات پئي. ڏکڻ ضلعي جي آرام باغ، سول لائن، گارڊن، لياري ۽ صدر ۾ 15 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪورنگي جي لانڍي ۾ 38، شاهه فيصل ٽائون ۾ 12 ۽ ماڊل ڪالوني ۾ 6 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو