سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مون سون جي برسات شروع

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مون سون جي برسات شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊي محمد خان شهرن ۾ مون سون جي برسات شروع ٿي وئي آهي.موسميات کاتي ميرپورخاص، سانگهڙ، ٺٽو، بدين ڄامشورو ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ 11 سيپٽمبر تائين مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ شام کان خميس تائين وقفي وقفي سان تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته تيز برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ڏکڻ پنجاب جي شهرن بهاولپور، بهاول نگر، راجن پور، خانپور، مظفر ڳڙهه، ڊيرا غازي خان، رحيم يار خان ۽ صادق آباد ۾ تيز برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، تيز برساتن سبب جبلن تي درياءَ ۽ ندين ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو