سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، پکو، لاڙڪاڻو، لعلو رائنڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو آهي.پکو جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان سان پوندڙ برسات ۽ ڳڙي سبب علائقي واسين کي ڪافي نقصان پهتو آهي. تيز ڳڙي سان برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. وارهه ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي ديرن کي پڻ نقصان پهتو آهي. هوڏانهن قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.کنڊو، ۽ ٻين علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي آھي جنهن سبب ڪڻڪ جي پيل ديرن کي نقصان ٿيو آھي جڏھن ته برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آھي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو