ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سمورن مڪاني ادارن ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابنڊي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ميونسيپل ڪمشنرز کي مقررين ۽ بدلين کان روڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن تي پابندي وارو فيصلو لاڳو نه هوندو.نوٽيفڪيشن موجب، مڪاني کاتن واري وزير جي اجازت کان سواءِ ڪا به مقرري ۽ بدلي نه ٿيندي.










