سنڌ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس دير  جو شڪار

سنڌ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس دير جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ التوا وارا ڪيس آهن،دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ايڊمنسٽريٽر جسٽس اقبال پاران سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب هلندڙ سال مختلف ڪيسن ۾ ٻڌايل سزان جو تناسب 19.28 سيڪڙو رهيو،رپورٽ موجب دهشتگردي جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ سنڌ ۾ 30 عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ دهشتگردي جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ 20 عدالتون قائم ڪيون ويون آهن،سنڌ جي عدالتن ۾ دهشتگردي جا 1 هزار 314 ڪيس هلندڙ آهن.2023 جي آخر تائين سڄي صوبي جي عدالتن ۾ 1448 ڪيس التوا ۾ هئا.رپورٽ موجب هلندڙ سال هن وقت تائين 975 ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا آهن ۽ 787 ڪيسن ۾ جوابدارن کي ثبوتن جي کوٽ سبب بري ڪيو ويو آهي.هلندڙ سال اي ٽي سي بم ڌماڪن جي 6 ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ سمورن جوابدارن کي بري ڪيو ويو،دهشتگردي جي انت واري عدالت هلندڙ سال قتل جي 79 ڪيسن جا فيصلا ڪيا،قتل جي انهن 79 ڪيسن مان پراسيڪيوشن صرف 23 ڪيسن ۾ الزام ثابت ڪري سگهيو،رپورٽ موجب اغوا ڀنگ جي 92 ڪيسن جو فيصلو ٿيو، جن مان رڳو 5 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو