ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ جاب پورٽل تحت ھن وقت تائين 3 لک 26 ھزار کان وڌيڪ اميدوار اھل قرار ڏنا ويا آھن، اميدوار مختلف سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتين جي لاءِ رجسٽرڊ ٿيا آھن. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ جاب پورٽل ھڪ خودڪار ۽ جديد نظام آھي، درخواست گذار جي اھليت، تعليم ۽ تجربي جي بنياد تي مڪمل ڊجيٽل اسڪريننگ ڪئي ويندي آھي، پورٽل جي ذريعي نوجوانن کي گھر ويٺي نوڪرين تائين رسائي حاصل ٿي رھي آھي ۽ وقت ۽ وسيلن جي بچت ٿي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پورٽل ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين جي سرڪاري آسامين، ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل نوڪرين کانسواءِ نجي شعبي جا موقعا به شامل ڪيا ويا آھن، ھر درخواست ڏيندڙ جو ڊيٽا محفوظ آھي ۽ ميرٽ موجب خودڪار طور تي ميچنگ ٿي رھي آھي. ھن چيو ته سنڌ سرڪار نوجوانن جي لاءِ روزگار جا دروازا کولڻ سان گڏ کين جديد مھارتن سان آراسته ڪرڻ تي به ڌيان ڏئي رھي آھي، پوري نظام جي نگراني شفاف انداز ۾ ڪئي پئي وڃي، سمورو ريڪارڊ آڊٽ جي قابل آھي ۽ ھر ڀرتي جو عمل ڊجيٽل ٽريس تحت محفوظ رھندو آھي، سنڌ سرڪار ميرٽ، شفافيت ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل تي ڪابه سوديبازي ڪئي آھي نه ئي وري ڪندي.










