سکر(جئيرام بختيارپوري ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو امن مان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. جِتي سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جي آفيس سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر ڏوهن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي. قتل وارن واقعن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. اغوا، ڦر متعلق به صورتحال ڪجهه بهتر ٿي آهي وڏي بهتري جي ضرورت اڃان آهي. جڏهن ته وڏا قبيلائي تڪرار ختم ٿي ويا آھن. رهيل قبيلائي تڪرارن جي خاتمي تي به ڪم ڪيو ويندو. هن چيو سنڌ جي شهرن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳي ويون آهن باقي رهيل هنڌن تي لڳايون وينديون. پوليس کي ڪجهه علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرروت آهي ڪرائيم جي ڏوهن ۾ گھٽتائي آئي آهي خاتمي لاءِ پوليس آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن گهوٽڪي علائقي سان تعلق رکندڙ ڌاڙيل راحب شر سميت 2 ڄڻا ڏوهاري ڏهرڪي مان فرار ٿي ويا آهن. فراري بعد ڊيوٽي تي مقرر ذميوارن کي معطل ڪيو ويو آهي. فرار ٿيندڙ جي گرفتاري لاء ٽيم جوڙي آهي جڏهن ته فرار ٿيل ويل ڏوهارين کي جلد ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو. هاڻي انهن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پريا ڪماري جي اڳوڻي جڙيل جي آئي ٽي ڪم ڪيو پر هاڻي نئين ڪميٽي عوام جي اعتماد سبب جوڙي آهي نئين ٽيم کليل مائينڊ سان ڪم ڪندي انهن پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ان ٽيم ۾ سڀ نوان آفيسر آهن جيڪي جاچ ڪندا جنهن ٽيم جو سربراهه عامر فاروقي ڊي آئي جي ڪرائم جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙيل آهي. جيڪا عوام جي اميدن تي پورو لهن جي ڪوشش ڪندي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ڪراچي اندر نوجوان مير رضا جي موت ٿي آهي. اصل حقيقتون عوام آڏو جلد آنديون وينديون ان لاء پوليس ٽيم کي ان جي وارثن سان هر لمحي ۾ آگاه ڪرڻ لاء هدايتون ڏنيون آهن هن چيو ته آپريشن نجات مهراڻ سبب رابطي لاءِ هڪ ئي ڊي آئي جي مقرر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڏوهارين کي لاڙڪاڻو ڪچو ۽ سکر رينج جو هو ان ڪري هڪ ڊي آئي جي مقرر ڪرڻ مان فائدو حاصل ٿيو آهي. هاڻي عوام جون مشڪلاتن ورائين ڏکيائن جو جائزو وٺي جلد ڊي آئي جي جي مقرري وارو فيصلو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ آئي جي سنڌ چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي آئي جي سکر کي هدايتون جاري ڪيون آهن. پوليس لاء ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ ڪو وڏو معاملو ناهي هر هنڌ پوليس پهچي سگهي ٿي سهولتون موجود آهن درياء ۾ پاڻي جو هجڻ جو ڪو وڏو مسئلو ناهي شهيد جان محمد مهر آسان جو دوست هو ان جا مک قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته پوليس اندر نئين ڀرتي لاءِ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آهي. مختلف پوليس جي ٽريننگ سينٽرز مان هر ڇهين مهيني پاسنگ آئوٽ ٿين ٿا. 10 کان 15 هزار ڀرتين ڪرڻ جو امڪان آهي. آپريشن نجات مهراڻ مان آر آر ايف ۽ ڪجهه ٻئي نفري ٻاهر ڪڍي وئي آهي. ان ڪري ٿاڻن تي پوليس نفري گهٽ آئي جڏهن سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ڪافي ٿاڻن جي صورتحال خراب آهي. حڪومت تعاون ڪري پئي پر بجيٽ روڪي وئي آهي ايندڙ سال رقم ملي ويندي ٿاڻا بهتر ٿي ٿينداآهن چيو مونکي جيڪو تمغو مليو آهي اهو هنن پوليس آفيسرن جو آهي هنن کي به تمغن سان نوازيو ويندو










