سنڌي ٽوپي پائي ڦر ڪندڙ 2 افغاني پوليس مقابلي ۾ گرفتار

سنڌي ٽوپي پائي ڦر ڪندڙ 2 افغاني پوليس مقابلي ۾ گرفتار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر )سچل پوليس شهرين کان ڦر ڪندڙ ٻن افغاني ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ٻنهي ڏوهارين کي پوليس پھري هيٺ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. غازي ڳوٺ ۾ افغاني ڦورو شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اوچتو سچل ٿاڻي جي گشتي پوليس پارٽي پهچي وئي جنهن بعد پوليس کي ڏسندي ئي ڦورو فرار ٿيڻ لڳا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو جنهن تي ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس طرفان جوابي ڪارروائي ڪندي ساڻن مقابلو ڪيو ٻنهي ڏوهارين کي پاور هائوس لڳ پوليس کين زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيل ڏوهارين جي سڃاڻپ احسان ولد گلاب خان ۽ محمد خان ولد شاهه دين خان جي نالن سان ٿي آهي پوليس ٻنهي ڏوهارين کي گرفتار ڪري پنهنجي تحويل ۾ ورتو جنهن بعد کين علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ٿاڻو سچل ڳوٺ گلبهار رند صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻئي افغاني ڏوهاري آهن جيڪي عادي ڏوهاري آهن ۽ هو سنڌي ٽوپي پائي ڏوهه ڪندا آهن جيئن پوليس کي ڊاج ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو