اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ ثقافتي رنگن جي بھار جو سلسلو اڃان تائين جاري آھي. اسلام آباد ۾ رھندڙ سنڌياڻين جي نمائينده تنظيم سورميون اينڊ وومن امپيڪٽ نيٽ ورڪ پاران ثقافتي رنگن سان ڀرپور پروگرام منعقد ڪيو جنھن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بھار ۾ فنڪارن قومي گيت تي سر وکيري ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو اسلام آباد ۾ سورميون اينڊ وومن امپيڪٽ نيٽ ورڪ پاران ايف نائين پارڪ جي وڻن سان ڍڪيل ساوڪ پوش ھنڌ تي ثقافتي رنگا رنگ پروگرام منعقد ڪيو جنھن ۾ سنڌي عورتون ٻارڙا سنڌي ويس وڳا پھري شريڪ ٿيا ان کان علاوه ٻين ڪميونٽيز جي عورتن پڻ شرڪت ڪئي ۽ سنڌي ثقافت موسيقي مان ڀرپور لطف ماڻيو.

سورميون تنظيم جي صدر ناھيد وساڻ سنڌي ثقافت تي روشني وڌندي چيو ته سنڌي ثقافت ۽ تهذيب انتهائي گهڻي شاهوڪار آهي ,سنڌ امن جي سرزمين آهي اسين هڪ پر امن ۽ مهذب قوم آهيون , ثقافت رڳو ويس وڳا پهرڻ ئي ناهي پر ثقافت قوم جي اٿڻي ويهڻي ,روايتون , زندگي گهارڻ جي طور طريقن جو نالو آهي سورميون تنظيم جي باني گلناز شيخ چيو ته اسين سنڌي خوشنصيب قوم آهيون جن جي ثقافت فخر جوڳي آهي. ٻين قوميتن ٻولين مذهبن سان به اسين سنڌي عزت ڀريو ورتاء ڪريون ٿا. اسان تي فرض ٿئي ٿو ته اسين پنهنجي ان شاندار ثقافت ۽ تهذيب کي دنيا آڏو روشناس ڪرائڻ لاء جتن ڪريون. جنرل سيڪريٽري ساجده عرفان چيو ته اسان سنڌ کان پري آھيون پر اھڙا ثقافتي پروگرام ڪري پنھنجي ڌرتي ٻولي ثقافت جي اڃ اجھائڻ لاء مني سنڌ ڏيک قائم ڪري سگھون ٿا جيئن اڄ جو پروگرام ترتيب ڏنو آھي ان موقعي تي ڪشمير سومرو فرزانا آغا ۽ نجمه غفار پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو محفل موسيقي جي سيشن ۾ سچل جسڪاڻي دلاور جسڪاڻي ۽ نسيم ڀٽي قومي گيت ڳائي محفل کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جڏھن ته پنھنجي ثقافت کي ھانء سان ھنڊائيندڙ اسلام آباد جي سندياڻين پروگرام ۾ سنڌي کاڌن سان سينگاريل کاڌن جو بندوبست ڪيو ويوجنھن ۾ ٻين ڪميونٽيز کي سنڌي کاڌن کان روشناس ڪرايو ويو.










