سنڌو ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ

سنڌو ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ

ڪوٽڙي (ن س )سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد وڌڻ شروع ٿي وئي آهي.پاڻي جو وهڪرو 398,000 ڪيوسڪ تائين وڌي ويو آهي، جنهن ڪري وچولي ٻوڏ اچي رهي آهي.لاهور جي فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، گڊو بئراج تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي، پر پاڻي گهٽجي 236,000 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي.ساڳئي طرح، ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي پاڻي جي آمد گهٽجي وئي آهي، پاڻي 56,000 ڪيوسڪ آهي، جنهن ڪري گهٽ سطح جي ٻوڏ اچي رهي آهي. ٻئي طرف، هيڊ اسلام ۽ هيڊ سليمانڪي تي به گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو