سنڌو ۾ چاڙهه، ڪچو پاڻي هيٺ، ڳوٺن جو زميني رابطو ختم

سنڌو ۾ چاڙهه، ڪچو پاڻي هيٺ، ڳوٺن جو زميني رابطو ختم

سکر /دادو (نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ سبب صورتحال مستحڪم آهي. فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب چناب درياءَ ۾ پنجند تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي جنهن سبب پاڻي جي سطح وڌيڪ گهٽ ٿي رهي آهي. وفاقي وزير معين وٽو ٻڌايو ته تربيلا ڊيم 27 آگسٽ کان 100 سيڪڙو ڀريل آهي جڏهن ته منگلا ڊيم 96 سيڪڙو پاڻي سان ڀريل آهي. وڌيڪ 4 فٽ جي گنجائش موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان نقصانن جي جائزي ۽ متاثرين کي رليف ڏيڻ تي رکيل آهي. متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ تيزي آندي پئي وڃي. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي ترجمان موجب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل ٿي رهيو آهي.سنڌو درياءَ، جهلم ۽ راوي ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل ليول تي آهي جڏهن ته چناب درياءَ ۾ مراله، خانڪي، قادر آباد ۽ تريمن جي هنڌ تي به پاڻي جو وهڪرو نارمل ٿي چڪو آهي. پنجند جي هنڌ تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي جتي پاڻي جو وهڪرو گهٽ ٿي 1 لک 94 هزار ٿي چڪو آهي.ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه واري هنڌ تي وچولي درجي جڏهن ته سليمانڪي ۽ اسلام بيڊ ورڪس تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي ڊيره غازي خان روڊ ڪوبيون جو وهڪرو به نارمل آهي.ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سانوڻي برسات جو يارهون اسپيل 19 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرانوالا، لاهور، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، منڊي بهاءُالدين، اوڪاڙه، ساهيوال، قصور، جهنگ، سرگودها ۽ ميانوالي ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته 18 ۽ 19 سيپٽمبر جي دوران راولپنڊي، مري ۽ گليات جي ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي.پي ڊي ايم اي ترجمان موجب پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت کي نظر ۾ رکندي انتظاميه الرٽ آهي، شهري ايمرجنسي جي صورت ۾ هيلپ لائين 1129 تي رابطو ڪيو وڃي. ھوڏانھن دادو ۾ درياءُ سنڌ ۾ چاڙهه سبب دادو ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال تيز ٿي وئي آهي. ڪچي جي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته يوسي موندر، يوسي سيال، ۽ يوسي پاٽ شريف جي سوين ماڻهن جو دادو شهر سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن متاثر ڳوٺاڻن پاران شڪايت ڪئي وئي آهي ته نه ته حڪومت طرفان ڪا ٻيڙي موڪلي وئي آهي، نه راشن مهيا ٿيو آهي، ۽ نه ئي خيما ڏنا ويا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن گهر، جانور، فصل ۽ روزگار سڀ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پر ڪا به واهر نه ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هو کلي آسمان هيٺ ويٺا آهن ٻئي طرف، ضلعي انتظاميا پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب ڪجهه يونين ڪائونسلن جي آبادي متاثر ٿي آهي، جن جي لاءِ امدادي قدم کنيا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي ٽيمون موڪليون ويون آهن، ۽ جلد وڌيڪ راشن، خيما ۽ ٻيڙيون به مهيا ڪيون وينديون مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي ته فوري طور رليف ڪيمپون قائم ڪيون وڃن حياتيءَ جي بنيادي ضرورتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ٻوڏ متاثرن کي رليف ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو