نوشهرو فيروز (ن س ) سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو ميھڙ مان چوري ٿي ويل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف 13 آڪٽوبر تي ايس پي آفيس دادو آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪندي سنڌ جي ساڃاھ وندن کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته منھنجي ڪار چوري ۾ ايس پي دادو ملوث آهي. جنھن ڪار ھٿ وٺي چوري ڪرائي آھي ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي چورن ۽ ڌاڙيلن جو ساٿاري آھي ۽ اھڙن عملدارن سبب سڄي سنڌ بدامني جي ور چڙھي وئي آھي ۽ ڪوبه محفوظ ناھي رھيو. ھن چيو ته ڪار چوري ٿيڻ بعد مون کي زندگي جو خطرو آهي.










