سنڌو دريا تي پهريون آئيني قانوني حق سنڌين جو آهي:احمدنواز

سنڌو دريا تي پهريون آئيني قانوني حق سنڌين جو آهي:احمدنواز

حيدرآباد (رپورٽ) هاري اڳواڻ ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي پاران سنڌو دريا جا رخ موڙڻڻ واري معاملي تي رد عمل ڏيندي چيو ته سنڌو دريا تي پهريون آئيني قانوني حق سنڌين جو آهي سنڌو دريا کي هٿرادو بند ڏئي رخ موڙي آٽيفيشل طريقي سان تجربا سنڌ دشمني آهي سنڌو دريا خلاف سازش جو مطلب سنڌين جي جياپو ختم ڪرڻ برابر آهي سنڌ اندر پهرين ئي پاڻي جي شديد کوٽ رهي ٿي پنجاب غيرقانوني طريقي سان سنڌو تي قبض ٿيڻ چاهي ٿو هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهڻڻي پوندي جيڪڏهن سجاڳ نه ٿيا سڀاڻي پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپنداسين پر پيئڻ لاء به پاڻي نه هوندو اسان جي جياپي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي سنڌو جا رخ موڻڻ ڪا ننڍي ڳاله نه پر زندگي موت جو مسئلو آهي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال به ڪري سگهون ٿا پر سنڌين جي جياپي تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو