سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب ڊي سي ڪشمور جو بندن جو دورو

سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب ڊي سي ڪشمور جو بندن جو دورو

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) سيلابي ۽ برساتي صورتحال کي سامھون رکندي ڊپٽي ڪمشنرمنورعلي مٺياڻي پاران آبپاشي عملدار ساڻ ڪري گڊو بئراج جي پل کان ڪشمورضلع جي آخري حد اولڊ ٽوڙي بچاءَ بند تائين سنڌو درياھ جي مختلف بندن جو دورو ڪيو. جنھن ۾ ڪي۔ڪي بند۔مکواڻي بند۔ميلاپ بند۔بي۔ايس۔فيڊر۔نيو ٽوڙي بند۽ اولڊ ٽوڙي بند شامل آھن۔آبپاشي عملدارن پاران ڊي۔سي ڪشمورکي بندن جي صورتحال ۽ پاڻي جي وھڪرن بابت بريفنگ ڏني وئي۔جڏھن ته ان موقعي تي ڊي۔سي  ڪشمور مختلف ھندن تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بندن جي صورتحال ڪافي بھتر آھي ۽ جتي ٿوري گھڻي ڪم جي ضرورت آھي ته اتي آبپاشي انتظاميه ڪم ۾ مصروف آھي۔ھن چيوته درياهه ۾ اڃان سوڌو پاڻي جي وھڪرن ۾ ايتري تيزي نه آھي ۽ ايندڙ وقت لا۽ تمام تياريون مڪمل ٿيل آھن ڪنھن به قسم جو ڪنھن به بند کي ڪو به خطرو نه آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو