سنڌو جو پاڻي جياپي جي تند آهي، حقن جو دفاع ڪنداسين

سنڌو جو پاڻي جياپي جي تند آهي، حقن جو دفاع ڪنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي پر هر حال ۾ پنهنجن بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت سيمينار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڻي صرف جاگرافي ناهي پر خوراڪ، مستقبل ۽ زندگي جو سوال آهي، سڀني ڏٺو ته هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) جي بندش عالمي معيشت کي متاثر ڪيو. هن چيو ته سنڌو نديءَ جو پاڻي پاڪستان جي زندگي جي ضمانت آهي، سامونڊي لنگهن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي، دنيا کي احساس ٿي چڪو آهي ته پاڻي جا وسيلا عالمي سياست ۽ سلامتي جو مرڪزي مسئلو بڻجي چڪا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي، دنيا کي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي خطري جي سنگيني کي سمجهڻو پوندو، هڪويهين صدي پاڻي جي بندش ۽ آبي وسيلن کي هٿيار بڻائڻ جي خطري سان دوچار ٿي سگهي ٿي، عالمي برادري کي گڏيل آبي لنگهن کي هٿيار بڻائڻ خلاف نوان بين الاقوامي قانون جوڙڻا پوندا، ائين نه ٿئي جو مستقبل ۾ هر درياءَ، پٽي (آبنائي)، نهر ۽ هر پڇڙي وارو (زيرين بهاءُ وارو) ملڪ بالادست رياستن جي دٻاءُ جو شڪار بڻجي وڃي.هن جو چوڻ هو ته ڀارتي رويلو پوري دنيا لاءِ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو، سنڌ طاس معاهدو برقرار رهڻ ضروري آهي، پاڪستان پنهنجن آبي حقن ۽ سنڌو نديءَ تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندو، ڪنهن ملڪ جي پاڻي جي فراهمي کي ڄاڻي واڻي روڪڻ هڪ وجودي حملو آهي، ڀارت جو مقصد پاڪستان جي آبي حقن کي نقصان پهچائڻ آهي، جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جنگ برابر آهي ته ان طرف وڌندڙ هر قدم کي به معمول جو معاملو نٿو سمجهي سگهجي، سنڌو نديءَ جي هٿيار طور استعمال جو جواب سياسي، سفارتي ۽ قانوني سميت هر فورم تي ڏيڻو پوندو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي پر هر حال ۾ پنهنجن بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو، پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جو مقصد ئي اهڙن وجودي خطرن کي روڪڻ آهي، ڀارت کي اهو تاثر نه ملڻ گهرجي ته اهو پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو رهي ۽ پاڪستان صرف احتجاج تائين محدود رهندو، مؤثر دفاع تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن مخالف ڌر اها ڄاڻي وٺي ته ريڊ لائين (سرخ لڪير) پار ڪرڻ جي کيس ڪهڙي قيمت چڪائڻي پوندي، هي ڪنهن گهٻراهٽ يا مهم جوئي جي دعوت ناهي، هي وقت اسان کان سنجيدگي، واضح حڪمت عملي ۽ بين الاقوامي قانون مطابق پنهنجن حقن جي دفاع جو مطالبو ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو