ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي، عاليا ڀٽ ۽ ٻن ليکڪن تي هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ايڊيشنل چيف ميٽرو پولٽن ميجسٽريٽ جي عدالت اداڪاره عاليا ڀٽ، فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي ۽ ٻن ليکڪن کي فلم“گنگو بائي ڪاٺياواڙي“ سان لاڳاپيل هتڪ عزت جو سمن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هنن کي 21 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽس موجب هتڪ عزت جو ڪيس بابو رائوجي شاهه نالي هڪ شخص داخل ڪرايو آهي جيڪو گنگو بائي ڪاٺياواڙي جو ويڳو پٽ هجڻ جو دعويدار آهي، سنجي ليلا ڀنسالي فلم جو هدايتڪار جڏهن ته عاليا ڀٽ ان ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هيءَ فلم ليکڪ حسين زيدي جي ڪتاب”مافيا ڪوئين آف ممبئي“ جي هڪ باب تي مشتمل آهي جيڪا گنگو بائي ڪاٺياواڙي جي زندگي تي مشتمل آهي.بابو رائو جي شاهه دعوا ڪئي آهي ته ڪتاب ۾ گنگو بائي ڪاٺياواڙي تي موجود بابن ۾ سندس ويڳي ماءُ کي بدنام ڪيو ويو آهي، هن جي ساک داغدار ڪئي وئي آهي ۽ سندس والده جي رازداري ۽ عزت نفس جي حق جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي.بابو رائو جي شاهه ان کان پهريان ممبئي جي سول عدالت سان رابطو ڪيو هو جنهن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ کي ڪتاب شايع نه ڪرڻ جو حڪم گهريو ۽ عدالت کي عرض ڪيو هو ته فلم جي ٽريلرز ۽ پروموشنز کي نشر نه ڪيو وڃي، پر عدالت ان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي، ان ڪيس جي برطرفي بعد ڪٽنب کي بدنام ڪرڻ تي ليکڪن ۽ فلمساز خلاف فوجداري ڪارروئي جي درخواست ڪئي هئي.










