گهوٽڪي (ن سنڌيار) سمورا يو سي سيڪريٽري عوام کي سهولتون فراهم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران حڪمنامو جاري. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ هڪ حڪمنامو جاري ڪندي ضلعي جي سمورن يوسي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال جي پيش نظر پنهنجي پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ روڊن رستن سان ويٺل متاثرن کي تيار ٿيل خوراڪ فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ، پيئڻ جي پاڻي لاءِ نلڪا لڳائڻ سميت مڇرمار ڦوهاري جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي.










