سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجون اسڪيمون بروقت مڪمل ڪن: امتياز شيخ

سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجون اسڪيمون بروقت مڪمل ڪن: امتياز شيخ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ناڻي بابت معاملن لاءِ سب ڪميٽي جو اجلاس توانائي کاتي جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي، زراعت کاتي، قانون واري کاتي، ورڪس اينڊ سروسز، ناڻي کاتي، پبڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙي جي ترقي، راندين ۽ نوجوانن جي مامرن واري کاتي، ڪاليج جي تعليم واري کاتي، مڪاني ادارن، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڄاڻايل کاتن جي ماليات بابت مامرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي ڪابينا جي سب ڪميٽي حل طلب معامن تي منظوري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون. اُن موقعي تي ڪابينا جي ناڻي بابت سب ڪميٽي جي چيئرمين ۽ توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا واضح هدايتون ڏنيون آهن ته کاتن جي مالياتي مامرن جي حوالي سان معاملن کي قاعدن ۽ ضابطن جي مڪمل پاسداري پٽاندڙ حل ڪيو وڃي. هن هدايتون جاري ڪيون ته سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجون اسڪيمون بروقت مڪمل ڪن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو