سمنڊ اندر ڪيبل ڪٽجي وئي، انٽرنيٽ متاثر ٿي سگهي ٿي

سمنڊ اندر ڪيبل ڪٽجي وئي، انٽرنيٽ متاثر ٿي سگهي ٿي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي سگهي ٿي. پي ٽي اي موجب سمنڊ اندران ايندڙ ٽرانس ورلڊ سب ميرين ڪيبل سسٽم ۾ ڪيبل ڪٽجي وئي آهي، جنهن سبب انٽرنيٽ سروس جي اسپيڊ ۽ فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. پي ٽي اي جي ترجمان چيو ته ڪيبل پاڪستان جي سامونڊي ڪناري کان 400 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪٽجي وئي آهي، جنهن سبب بين الاقوامي بينڊوڊٿ ۾ خلل پئجي رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيبل ڪٽ ٿيڻ سبب انٽرنيٽ سروس به گهٽجي سگهي ٿي. پي ٽي اي جي ترجمان چيو ته ڪنسورشيم انٽرنيٽ لاءِ ايڊهاڪ بينڊوڊٿ فراهم ڪري رهيو آهي جڏهن ته خرابي جي مرمت ۽ انٽرنيٽ جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو