ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان به پاڻ کي ڪم ڪندڙ سمجهڻ لڳو ،مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سلمان خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ان جي حق ۾ پوسٽ ڪئي.سلمان خان پنهنجي ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.سلمان خان چيو ته هڪ مزدور کان ٻئي مزدور کي مزدورن جي ڏهاڙي جون واڌايون.بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان جو اهو انداز صارفين طرفان پسند ڪيو پيو وڃي ۽ ساراهه جوڳا رايا پڻ ڏنا پيا وڃن.سلمان خان جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي هڪ صارف چيو ته ”اڪي ته دل هي ڪٽني بارا جيتو“.










