اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن سلمان اڪرم راجا جي فارم 33 تي پارٽي جو اعلان ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن 2 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، محفوظ ڪيل فيصلو ڊي جي قانون صائمه جنجوعه پڙهي ٻڌايو.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 2 فيبروري تي پي ٽي آءِ اميدوار سلمان اڪرم راجا کي آزاد اميدوار قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.فارم 33 اميدوارن جي نالن تي مشتمل هڪ فارم آهي ۽ سلمان اڪرم راجا جي فارم 33 ۾ سندس پي ٽي آءِ سان تعلق جو ذڪر ناهي.










