اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 3 وڳي ٿيندو.قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ هٿياربند فوج جي قيادت ۽ اهلڪار شرڪت ڪندا.قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 9 مئي جي پرتشدد واقعن تي بريفنگ ڏني ويندي.










