اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪا جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ساڍي 4 وڳي ٿيندو جنهن ۾ آرمي چيف ۽ ٻيا آرمي چيف شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ تي بريفنگ ڏني ويندي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي به فيصلا ڪيا ويندا. ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن تي به اهم فيصلا ڪيا ويندا.










