سسٽم جي گهرو وزير محسن نقوي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

سسٽم جي گهرو وزير محسن نقوي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سسٽم جي گهرو وزير محسن نقوي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، فارم 47 جا مڙهيل ۽ ڪرائيندڙ ٻئي ناڪام ٿي ويا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيتري ذميواري مارشل لا جي آهي اوتري ذميواري مڙهيندڙن جي آهي. جن ماڻهن کي 17 سيٽون ناهن مليون انهن کي پنجاب ڏنو ويو، فارم 47 تان آصف زرداري صدر بڻجو آهي. هنن جو ميئر به فارم 47 جي پيداوار آهي جيڪو کٽيو هو انهي کي اچڻ ڏيو سسٽم صحيح ٿي ويندو.جماعت اسلامي جي امير چيو ته آئين تي عمل نه ٿي رهيو آهي، غير ضروري معاملا بحث هيٺ آندا پيا وڃن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ نورا ڪشتي جاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاڻ به فارم 47 جي پيداوار آهي جڏهن اقتدار ۾ حصو گهٽ هوندو آهي ته گوڙ ڪيو ويندو آهي. چونڊيل نمائندن کي اقتدار سنڀالڻ ڏنو وڃي ته نظام بهتر ٿي سگهي ٿو. انسانن جي منڊي لڳائڻ آئيني رستو نه آهي، سمورين سياسي طاقتن گڏجي نظام کي خراب ڪيو آهي. صرف بيانن سان مسئلا حل ناهن ٿيندا پر عملي قدم کڻڻا پوندا.حافظ نعيم چيو ته پاڪستان ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سڀني کان مهانگو پيٽرول وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ايڪس ريفائنري قيمت جي حوالي کان به پيٽرول مهانگو آهي، قيمتون وڌائڻ جو سلسلو روزاني جاري آهي پر گهٽتائي ڪئي وڃي ٿي ته صرف ڪجهه پئسا گهٽ ڪيا ويندا آهن.هن پيٽروليم ليوي کي جگا ٽيڪس قرار ڏيندي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان روزمره استعمال جون شيون به مهانگيون ٿي وينديون آهن ۽ حڪومت سمورو بار عام ماڻهو تي وجهي رهي آهي. سموري دنيا ۾ اهڙين حالتن ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويندي آهي جڏهن ته هتي حڪمران هر معاملي تي آءِ ايم ايف پروگرام جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ قوم کي پريشانين ۾ ڌڪي رهيا آهن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته بجلي پيدا ڪرڻ کان وڌيڪ بجلي نه ٺاهڻ تي خرچ ڪيا ويا جنهن جا منفي اثر عوام تي پئجي رهيا آهن. عوام کي متحد ٿي فيصلو ڪرڻو پوندو، انهي لاءِ 7 آگسٽ تي سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مسئلي جو حل ڳالهين ۾ آهي جڏهن ته فوري طور تي حل نظر نه پيو اچي، ڪشمير جا ماڻهو اسان جا پنهنجا آهن، ٽياڪڙي جون ڳالهيون ڪرڻ غلط نه آهن پر افسوس آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت موثر ڪردار ادا ناهي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو