سرڪاري عمارتن تي حملن جي مذمت ڪريان ٿو: صدر

سرڪاري عمارتن تي حملن جي مذمت ڪريان ٿو: صدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي چيو آهي ته سياسي ۽ فوجي قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عارف علوي چيو ته انساني جانين جو نقصان دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوس جوڳو آهي، احتجاج هر پاڪستاني جو آئيني حق آهي پر احتجاج هميشه قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجي.صدر چيو ته ڪجهه شرپسندن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، حڪومتي ۽ فوجي عمارت کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪريان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي جبر ۽ گرفتارين بدران مسئلن جو سياسي حل ڳولڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو