ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن جو بحران ختم نه ٿي سگهيو، فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالجنيد جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ غذائيت کان خالي آهي جنهن کي نئين ڪڻڪ سان مڪس ڪري جيڪو اٽو تيار ڪيو پيو وڃي انهي جي قيمت عوام جي پهچ کان ٻاهر آهي.سنڌ حڪومت طرفان فلورملز کي ڪڻڪ جي ورهاست ۾ دير ڪراچي ۾ اٽي جي قيمتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي پرچون جي مارڪيٽن ۾ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي فلورملز کي سرڪاري ڪڻڪ جي ورهاست وقت تي نه ٿيڻ بابت تفصيلن کان به ڪمشنر ڪراچي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.عبدالجنيد موجب فلورملز کي ڪڻڪ جي وقت تي ورهاست لاءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان به اهم ملاقات ٿي آهي. سرڪاري ڪڻڪ وقت تي نه ملڻ سبب به اٽي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي. پراڻي سرڪاري ڪڻڪ جي قيمت 80 روپيه في ڪلو ۽ انهي ۾ شامل ڪيل نئين ڪڻڪ جي قيمت 110 روپيه في ڪلو گرام آهي.ٻئي طرف هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين رئوف ابراهيم چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي اٽي جي قيمتن جي نئين فهرست هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪندو. پر اوپن مارڪيٽ ۾ گذريل 4 مهينن جي دوان في ڪلو گرام اٽو 55 روپين مان وڌي 110 روپين جي سطح تي اچي ويو آهي.سنڌ جي ڪڻڪ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان وڃي رهي آهي انهي ڪري ڊيمانڊ وڌڻ جي صورت ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ في ڪلو ڪڻڪ 110 کان 125 روپيه ٿي ويندي رئوف ابراهيم موجب ڪراچي ۾ فائن اٽي جي قيمت وڌي 145 روپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي.










