ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ کٽيندڙ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو وطن پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار استقبال جون تصويرون پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن.سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ڪولمبو جي روڊن تي وڪٽري پريڊ ۾ شرڪت ڪئي.فاتح ٽيم جو ڪپتان رانديگرن سان گڏ ٽرافي هٿان بس تي ويٺو هو ته ڪرڪيٽ جي مداحن ٽيم جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ تصويرون به ڪڍيون.ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ اسڪواڊ جا ميمبر به وطن واپس پهچي ويا آهن.










