سريلنڪا کي شڪست ڏکڻ آفريڪا پاران عالمي رڪارڊ قائم

سريلنڪا کي شڪست ڏکڻ آفريڪا پاران عالمي رڪارڊ قائم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا ڇنڇر تي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪندي 50 اورز ۾ سريلنڪا خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو اسڪور 428 رنز ٺاهيون. سريلنڪا تاريخي اسڪور چيز ڪندي همت نه هاري پر 45 اوورز ۾ 326 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ ايڊن مارڪرم صرف 49 بالن ۾ ٽورنامينٽ جي تيز ترين سينچري اسڪور ڪري هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. پروٽيز 2015 ۾ پرٿ ۾ افغانستان خلاف آسٽريليا پاران گذريل ورلڊ ڪپ جي بهترين 417 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. 106 رنسون ٺاهيندڙ ايڊن مارڪرم 49 بالن تي سينچري مڪمل ڪري ورلڊ ڪپ جي تيز ترين سينچري جو اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، اڳ ۾ تيز ترين سينچري آئرلينڊ جي ڪيون اوبرائن انگلينڊ خلاف بنگلورو ۾ 2011 ۾ 50 بالن تي ٺاهي هئي. ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ (100) ۽ ريسي وين در دُسن (108) رنسون اسڪور ڪري هڪ اننگ ۾ 3 سينچرين جو به ڏکڻ آفريڪا عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. سريلنڪا جي بالرن مٿيشا پٿيرانا 95 ۽ ڪوسن راجيٿا 90 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڊي ڪاڪ پنهنجي ڪيريئر جو آخري انٽرنيشنل ٽورنامينٽ کيڏي رهيو آهي جنهن 83 بالن تي ڪيريئر جي 18 هين ون ڊي سينچري 12 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان مڪمل ڪئي.هن وين در دسن سان 204 رنز جي شراڪت سيڪنڊ وڪيٽ لاءِ قائم ڪئي. وين در دسن ڊي ڪاڪ جيترا ئي ڇڪا چوڪا هڻي ڪيريئر جي پنجين سينچري 103 بالن تي مڪمل ڪئي.ڊيوڊ ملر 21 بالن تي 39 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهي سريلنڪا جي پريشاني ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو