لاھور(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سليڪٽر محمد وسيم جي ٽيم انتظاميا سان شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو. سريلنڪا ڪرڪيٽ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪندو، قومي ڪرڪيٽر 25 جون تي ڪيمپ لاءِ رپورٽ ڪندا جڏهن ته ٽريننگ ڪيمپ 26 جون کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي. ذريعن موجب آسٽريليا خلاف اعلانيل ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ گهڻي تبديلي جو ڪو به امڪان ناهي، محمد نواز زخمي ٿيڻ سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو، سندس ٽيم ۾ واپسي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اضافي رانديگرن ۾ شامل ليگ اسپنر ياسر شاهه کي هاڻي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويندو، اسڪواڊ ۾ ٻئي وڪيٽ ڪيپر جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.










