سرهاڙي: (ن س) سرھاڙي ڀرسان شھمير زرداري موري وٽ اڻڄاتل ھٿياربند گوليون ھڻي مھر علي جمالي واسي نوجوان کي مبينا طور قتل ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي کڏھر پوليس جاءِ واردات تي پھچي واقعي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي. جڏھن تہ نوجوان جو لاش نوابشاھ جي اسپتال مان کڏھر پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک وارو ماحول ڇانيل آهي. کڏھر ٿاڻي جي حد ور اسٽاپ ڀرسان شھمير زرداري موري وٽ نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي ڳوٺ مھر علي جمالي واسي نوجوان گل بيگ ولد نور حسين جمالي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي نوابشاھ اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو. نوجوان جي اوچتي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن تہ کڏھر پوليس نوابشاھ اسپتال مان نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو رابطي ڪرڻ تي کڏھر پوليس ٻڌايو تہ واقعي جي ھر طرف کان جانچ ڪئي پئي وڃي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪئي ويندي اسان مقتول جي وارثن سان گڏ آھيون جڏھن تہ اوچتو خبر پوڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.










