سرسو پاران رڪشا ۽ چوپايو مال ورهائڻ جي تقريب

سرسو پاران رڪشا ۽ چوپايو مال ورهائڻ جي تقريب

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:غالب بلوچ)سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن ڪنڌڪوٽ پاران ھڪ ڪروڙ پنجاھ لکن جي ماليت جا لوڊر رڪشا مستحقين ۾ تقسيم ڪرڻ لاء سرسو جي ضلع مينيجئر منظور حسين جلباڻي جي نگراني ھيٺ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مستحق عورتن ۽ سندن وارثن کي گھرائي لوڊر رڪشا ۽ ٻيو سامان سندن جي حوالي ڪيو ويو .

SRSO distributed Rikshaw among jobless people, Photo Sindhyar

ان موقعي تي سرسو ڪشمور ضلع جي ضلعي مينيجئر منظور حسين جلباڻي ٻڌائيندي چيو ته گذريل مھيني ۾ سرسو پاران غريبن ۽ مستحقين ۾ اٽڪل 90 لک جي ماليت جا روزگار لاءِ رڪشا.کير وڪرو ڪرڻ جو سامان . موٽر سائيڪلون ۽ دڪان جي سامان سان گڏ ٻين روزگارن لاءِ سامان پڻ ڏنو ويو ۽ ھينئر ھڪ ڪروڙ 50 لکن جا پڻ لوڊر رڪشا.لوڊر موٽسائيڪلون ۽ چو پايو مال جي مد ۾ اڍائي ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ پڻ ڏنا ويا جيڪي غريبن لاء روزگار جو ذريعو بڻجي سندن کي غربت جي لڪيرکان نڪرڻ لاء  بھترين پليٽ فارم ڏنو ويو آھي.

SRSO empowering people, Photo Sindhyar

ھن وڌيڪ چيو ته سرسو پاران ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪشمور ضلع اندر مستحقين جي وڌ کان وڌ مدد ڪندي  کين انھن کي غربت واري احساس کان ٻاھر ڪڍي خود ڪفيل ڪجي.جڏھن ته ان موقعي تي سرسو افسران گل منگي.عاطف پٺاڻ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو