سجاول: جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

سجاول: جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

سجاول: (ن س) سجاول ڀرسان بُڍھو ٽالپر واري علائقي ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر خوني رخ اختيار ڪري ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري ربڏنو جت قتل ٿي ويو۔پوليس موجب ربڏنو جت پنهنجي ڪار ۾ واپس اچي رهيو هو ته هٿياربندن سندس گاڏي جو پيڇو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن دوران گاڏي جا ٽائر برسٽ ٿي ويا ۽ گاڏي ڪلٽيون کائيندي ڪري پئي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن گاڏي وٽ پهچي ويجهو اچي وڌيڪ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ربڏنو جت موقعي تي فوت ٿي ويو.پوليس لاش سول اسپتال سجاول منتقل ڪري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو۔ پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، اڳ به ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو