خيرپور (سجاد علي ڪٻر) خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش خيرپور کان ڳوٺ نصيرآباد ويندي خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ستابو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي آهي. جنهن جي ۾ هڪ ڄڻو پوليس اهلڪار عبدالغفار عباسي ٿڏي تي فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. جن کي ڳوٺاڻا ايمبولنس ذريعي کڻائي گمبٽ اسپتال پهتا جتي ٽي نوجوان نصير آباد واسي آصف علي ڀٽي،نجم الدين ڀٽو،سڌير ڀٽي زخمين جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏنو. جڏهن ته ٻن ڄڻن جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او بهارو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪار سوار خيرپور کان نصيرآباد وڃي رهيا ته بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ستابو وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا آصف علي ڀٽي،نجم الدين ڀٽو،عبدالغفار عباسي ۽ سڌير ڀٽي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻه ڄڻا ڪفايت ڀٽي ۽ امجد ڀٽي زخمي ٿي پيا آهن جن کي کڻائي اسپتال پهچايو آهي جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي. آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو.










