ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ادرڪ 400 روپيا ڪلو مان 600 روپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته ٽماٽر 160 روپيا في ڪلو وڪامي رهيا آهن. واپارين جو چوڻ آهي ته چين مان ايندڙ ادرڪ جي پيداوار گهٽجن ۽ سپلاءِ ۾ ڪمي سبب ريٽ وڌي ويا آهن. واپاري ٿائيلينڊ مان ادرڪ گهرائن پيا، هن وقت هول سيل ۾ ادرڪ 400 روپيا ڪلو وڪامي پئي. يوڪرين مان آيل ڪڻڪ جي ڪري مقامي ڪڻڪ جي مارڪيٽ ۾ 100 روپيا ٻوري تي لاٿ آئي آهي.










