سانگهڙ (رپورٽر ) سانگهڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد پنج چڪ ۾ ڀاءُ پاران پنهنجي هڪ هفتو اڳ پرڻيل ڀيڻ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي۔ اطلاعن آهين ته هي واقعو رات دير سان ڳوٺ نئون ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي 23 سالا ناري سومري ڪنڊاڻي، جنهن جي هڪ هفتو اڳ بلوچستان جي علائقي ۾ شادي ٿي هئي، سا ستاوڻي لاءِ پنهنجي اباڻي گهر آيل هئي۔ رات دير سان سندس سڳي ڀاءُ ارباب ڪنڊاڻي پنهجي ننڊ ستل ڀيڻ تي ڪارنهن جو الزام مڙهي مٿس ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو۔واقعي جي اطلاع تي منگلي پوليس پهچي ناري جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتي مقتولا جي سڃاڻپ سومري ڪنڊاڻي طور ڪئي وئي۔پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جانچ جاري آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو۔ هوڏانهن ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد مقتولا جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو۔ واقعي بعد ناري جي گهر ۾ قهرام متل آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي۔واضح رهي ته سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ مهيني دوران ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل جو هي ٻيون واقعو پيش آيو آهي۔










