سانگهڙ (ن س )سانگهڙ ۾ نوجوان شادي نه ڪرڻ تي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب سانگهڙ جي علائقي علي جان مري ۾ نوجوان پسند جي شادي نه ڪرڻ تي پنهنجي ماءُ، 2 ڀينرن ۽ ڀيڻوي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا.واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.پوليس موجب واقعي جي جوابدارن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










