ڪراچي (رپورٽر) پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ساموندي طوفان سبب عوام کي حفاظتي اپاءُ وٺڻ ۽ انتظاميه سان تعاون جي اپيل ڪئي آهي ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق پي پي چيئرمين چيو ته موسمياتي رپورٽ مطابق ساموندي طوفان بائيپر جوائي کان ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي کي خطرو آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت ساموندي طوفان سبب انتظام ڪري ڇڏيا اهن 7 هر ممڪن حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاطت لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو ته عوام خاص ڪري ساموندي علائقن جا ماڻهو انتظاميه سان تعاون ڪن ۽ بنا دير حفاظتي هنڌن تي منتقل ٿين هن زور ڀريو ته پراڻي ۽ زبون عمارتن ۾ رهيل شهري به محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين هن مهاڻن کي به اپيل ڪئي ته ماحول معمول تي اچڻ تائين اهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن لاءِ سمند ۾ بلڪل نه وڃن هن وڌيڪ چيو ته طوفاني برسات دوران سفر کان پاسو ڪيو وڃي سمورن حفاظتي اپائن تي عمل ڪرڻ ئي قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ جو رستو آهي پي پي چيئرمين پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي به هدايتون ڏنيون ته اهي امدادي ڪمن ۾ انتظاميه جو هٿ ونڊائين جڏهن ته سامونڊي علائقن سان تعلق رکندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اسيمبلي ميمبر پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ موجود ۽ عوام سان رابطي ۾ رهن هن چيو ته پي پي سک هجي يا ڏک عوام سان گڏ آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۽ هر پاڪستاني کي قدرتي آفتن کان محفوظ ۽ پنهنجي پناهه ۾ رکي.










