سالگرهه ملهائڻ لاءِ ميڪسيڪو ويل آرٽسٽ قتل

سالگرهه ملهائڻ لاءِ ميڪسيڪو ويل آرٽسٽ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سالگره ملهائڻ جي لاءِ ميڪسيڪو ويل ڀارت ڄائي آمريڪي عورت ٽريول بلاگر ۽ آرٽسٽ منشيات اسمگلرن جي جهيڙي ۾ مارجي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 25 سالن جي ڀارتي ڄائي آمريڪي عورت انجنيئر ۽ ٽريول بلاگر انجلي ريوت پنهنجي سالگرا ملهائڻ لاءِ ميڪسيڪو وئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ميڪسيڪو جي ٽولم جي ريزورٽ ۾ ٻن منشيات فروش گينگز وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جهيڙي ۾ ڀارتي بلاگر به مارجي وئي جڏهن ته ان واقعي ۾ هڪ ٻيو جرمن سياح به مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو