سارين جي ديري ۽ بيٺل فصل کي باهه، زميندار پريشان

سارين جي ديري ۽ بيٺل فصل کي باهه، زميندار پريشان

ٺٽو )رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) مڪلي لڳ ڄام واھ ڀرسان گجو جي رھواسي زميندار سيٺ حاجي احمد ميمڻ جي مقاطي تي ورتل زمين ۾ رکيل سارين جي فصل سميت پرار کي اوچتو باھ لڳڻ ڪري اک ڇنڀ ۾ باھ کري ۾ رکيل سموري فصل کي وڪوڙي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ لکين روپين جو سارين جي فصل سميت پرار سڙي رک ٿي ويو، پر فائربرگيڊ نه پھتي. صحافين سان ڳالھائيندي متاثر زميندار ته جمعي واري ڏينھن 12 وڳي ڌاري سندس سارين واري کري کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي، فائربرگيڊ گاڏي وارن کي منٿون ڪندو رھيس جيڪا 4 ڪلاڪ دير سان پھتي جنھن ڪري سندس 50 لک روپين کان وڌيڪ جون ساريون ۽ پرار سڙي رک ٿيڻ ڪري کيس وڏو نقصان پھتو آھي. ھن چيو ته فائربرگيڊ گاڏي وقت سر پھچي ھا ته ايترو نقصان نه ٿئي ھا. ھن گھر ڪئي ته دير ڪندڙ فائربرگيڊ گاڏي واري خلاف ڪاروائي ڪرڻ سميت کيس قدرتي پھتل نقصان جي ازالي ۾ مدد ڪري کيس وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو