بدين ( ڊ ر ) سارين جي اگھ ۾ رڪارڊ گهٽتائي,موائسچر جي نالي تي ڀتاخوري ۽ ناجائز ڪٽوتين خلاف بدين ضلعي جي قومپرست,مذهبي, سياسي سماجي تنظمين ضلعي گير اتحاد قائم ڪندي جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي بدين شھري اتحاد جي ڪنوينر خليفه طارق عزيز ميمڻ جي رهائشگاھ تي مک پارٽين جو اجلاس ٿيو , اجلاس ۾ ايس يو پي, جي ڊي اي,قومي عوامي تحريڪ ضلعوبچايو تحريڪ جي يو آء,جماعت اسلامي,ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي , اتفاق راء سان اتحاد جو نالو هاري آبادگار تحريڪ رکيو ويو, اجلاس ۾ خميس 23 آڪٽوبر تي ڊي سي آفيس اڳيان هزارين ماڻهون گڏ ڪري جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي , جيڪڏهن سارين جي اگھ ۾ واڌ نه ڪئي ويئي ۽ موائسچر جي نالي تي ڀتو بند نه ڪيو ويو ته سڄي ضلعي ۾ هڙتال سان گڏ سڄي ضلعي جا رستا بند ڪرڻ جو آپشن استعمال ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو, اجلاس ۾ ميرنوراحمد ٽالپر,امير آزاد پنهور,مولوي عبدالواحد فاروقي,خداڏنوشاھ,دلبر سنڌي,ڊاڪٽر عبدالله ٽالپر,علي حسن ٽالپر,خليفه طارق عزيز ميمڻ,علي مردان شاھ,عزيز الله ڏيرو,شاهنواز سيال,علي حيدر پنهور,ميرپرويز آرائين,ابو نوحاڻي,عبدالله چانڊئي,سانول گوپانگ عبدالڪريم بليدي,عبدالغفور چانڊئي,عطا چانڊئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي,اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته مل مالڪ سارين جي مڻ تي 500 رورپيا ضلعي انتظاميه چونڊيل نمائندن سميت مختلف جاين جو حصو پتي ڪڍي آبادگار جو گلو گهٽي رهي آهي, هنن چيو ته بنا دير جي موائسچر جي نالي تي غيرقانوني ڪٽوتي ڀند ڪري سارين جو اگھ گهٽ ۾ گهٽ 3300 ڪيو وڃي, اجلاس ۾ خميس 23 آڪٽوبر تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ھزارين آبادگارن ھارين جو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي










