ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا ۽ ماڊل ساره نيلم هڪ شو دوران اوورسيز پاڪستانين بابت پنهنجي توهين آميز بيان تي معافي گهري ورتي آهي.ساره نيلم پنهنجي تصوير ۽ وڊيو شيئرنگ اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي اوورسيز پاڪستانين کان پنهنجي بيان تي معافي گهري آهي.اداڪارا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان هڪ خانگي ٽي وي جي مزاحيه شو ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن جون ڪجهه ڪلپس وائرل ٿي ويون آهن، منهنجي بيان سان منهنجي پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀائرن کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، منهنجي نيت ڪنهن کي ناراض ڪرڻ نه هئي,ساره نيلم جو چوڻ هو ته ڪاميڊي شوز پري پلانڊ هوندا آهن ۽ مون کي اهو به چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ خراب لڳي ته اها مذاق آهي، ان کي سنجيدگيءَ سان نه وٺو پر مون کي خبر نه هئي ته منهنجي ڳالهه ماڻهن کي ايترو ڏکوئيندي.اداڪارا پنهنجي وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي خبر ناهي ته منهنجي خلاف انهن جي تبصرن مون کي ڪيترو نقصان پهچايو ۽ مان ذهني طور ڪيترو پريشان ٿي ويس.سارا نيلم پنهنجي وڊيو بيان سان گڏ لکيل ڪيپشن ۾ وڌيڪ چيو ته انسانن کان غلطيون ٿينديون آهن، الله به غلطيون معاف ڪندو آهي تنهنڪري توهان به معاف ڪري سگهو ٿا.










