اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڪنامسٽ سارا انعام راٺوڙ 2 جولاءِ 1979 تي جنم ورتو ۽ سندس قتل وقت عمر 39 سال هئي. ابتدائي تعليم بيڪن هائوس مرگلا ڪيمپس ۾ ورتي جنهن بعد لنڊن مان بيهوريل سائڪالاجي ۾ ڊگري ڪئي ۽ ڪئناڊا جي واٽر لو يونيورسٽي مان اڪنامي جي ڊگري ورتي. اينڪر مهر بخاري جي بقول ته هوءَ سندس ڪلاس فيلو هئي ۽ تمام قربائتي ۽ نرم دل ڇوڪري هئي. سندس والدين ۾ علحدگي ٿي وئي هئي هن جي والده پنهنجي وڏي نياڻي سان آمريڪا ۾ رهندي آهي جڏهن ته سندس والد انعام راٺوڙ اسلام آباد جي نيول فارمز پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندو آهي. سارا جا 2 وڏا ڀائر ڪئناڊا ۾ آهن. سارا پندرنهن سالن کان ابو دبئي ۾ رهندي هئي اتان جي حڪومت جي ٻن کاتن ۾ ڪنسلٽنٽ هئي. سارا پنهنجي پيرن تي بيهڻ بعد شادي جو فيصلو ڪيو. انٽرنيٽ تي شاهنواز امير سان دوستي بعد هن ساڻس جولاءِ جي آخر ۾ شادي ڪئي.

آگسٽ ۾ شاهنواز مٿس شڪ ڪرڻ لڳو. نامياري صحافي اياز امير جو پٽ پنهنجي پيءُ جي طلاقيل زال ثمينا شاهه سان گڏ چڪ شهزاد جي فارم هائوس ۾ رهندو هو.
https://twitter.com/zalaahhhh/status/1573940590038892544
ثمينا شاهه اڳ ۾ نامياري وڪيل حفيظ پيرزادو جي گهرواري هئي جنهن کان طلاق وٺڻ بعد هن اياز امير سان شادي ڪئي. اياز امير مان کيس شاهنواز ڄائو جنهن بعد هن اياز امير کان به طلاق ورتي ۽ وري ٻيهر حفيظ پيرزادو سان شادي ڪئي هئي. چڪ شهزاد واري فارم هائوس کيس حق مهر ۾ مليل آهي. شاهنواز امير منشيات جو عادي آهي سڄي رات نشو ڪرڻ بعد فجر مهل سمهندو آهي ۽ شام جو اٿندو آهي. ڪو به ڪم ناهي ڪندو. سارا شادي بعد مرسيڊيز ڪار ورتي جيڪا سندس نالي هئي. شاهنواز اها ڪار سندس اجازت کانسواءِ پنهنجي نالي ڪرائي جنهن تي سارا اعتراض ڪيو ته ٻنهي ۾ 22 سيپٽمبر خميس تي جهيڙو ٿيو. سارا 22 تي ئي دبئي مان موٽي هئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي رات سارا تي تشدد ٿيندو رهيو سندس رڙين تي مالي ڀڄي ويو ۽ قتل ٿيڻ جي پڪ ٿيڻ بعد شاهنواز ڪمرو لاڪ ڪري ڇڏيو. رڙين تي پوليس رات جو آئي بيل وڄائي پر ڪو به ٻاهر نه نڪتو ته پوليس موٽي وئي. 23 سيپٽمبر تي صبح جو سندس والده ثمينا شاهه پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس موجب هن ورزش ڪرڻ واري وزني ڊمب بيل سان کيس چيچلائي چيچلائي قتل ڪيو آهي. سندس لاش باٿ ٽب ۾ رکيو ۽ شاور کولي ڇڏيو جيئن رت صاف ٿي وڃي.

ڇوڪري جو چاچو ٿاڻي تي ايف آءِ آر لاءِ پهتو ته پوليس کيس ٻڌايو ته ايس ايڇ او شهزاد ٽائون پاڻ فريادي ٿي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وارث کي فريادي ڪرڻ بدران مقتولا جي چاچي جي درخواست ضمني م ڄاڻائي آهي. ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانسواءِ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو جيڪو پڻ غير قانوني آهي. پوليس ڪنهن مهل پوسٽ مارٽم پولي ڪلينڪ مان ڪرائڻ ته ڪنهن مهل پمز اسپتال مان ڪرائڻ جو بيان ٿي ڏي. اعليٰ پوليس اهلڪار هن معاملي تي هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن. بظاهر پوليس ڪيس خراب پئي ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته سارا جي ٻئي به ڪافي پراپرٽي آهي جيڪا ڦٻائڻ لاءِ سندس قتل ڪيو ويو. سارا جي علي آفندي نالي شخص سان مڱڻي ٿيل هئي جيڪا هن ختم ڪري شاهنواز شان شادي ڪئي.










