سائنسدانن پاران چنڊ تي زلزلن ۽لينڊ سلائيڊنگ جو انڪشاف

سائنسدانن پاران چنڊ تي زلزلن ۽لينڊ سلائيڊنگ جو انڪشاف

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني سائنسدانن چنڊ تي زلزلن جي ڪري ٿيندڙ لينڊسلائيڊنگ جو انڪشاف ڪيو آهي، سائنسدانن کي چنڊ جي مٽيءَ جي سرڪڻ جا نوان ثبوت مليا آهن. ياد رهي ته چين جو چنڊ جي ڏکڻ قطب تي 2035ع تائين پنهجو تحقيقي اسٽيشن قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي. چيني محققن مطابق چنڊ تي 2009ع کان وٺي هاڻي تائين 41 نيون لينڊسلائيڊنگز جي تصديق ڪئي آهي، جيڪي چنڊ جي اندرين زلزلن (مونڪويز) جي ڪري وجود ۾ آيون. هي تحقيق سن يات سين يونيورسٽي، فوجو يونيورسٽي ۽ شنگهائي نارمل يونيورسٽي جي سائنسدانن ڪئي آهي ۽ ’نيشنل سائنس ريويو‘ نالي جنرل ۾ شايع ٿي آهي. تحقيق دوران سائنسدانن چنڊ جي 74 غير مستحڪ علائقن جون 562 تصويرن جي ڀيٽ ڪئي ته انهن ۾ 41 نيون لينڊسلائيڊنگز جي نشاندهي ٿي آهي. ان سڀني لينڊسلائيڊنگز مان 30 سيڪڙو چنڊ تي نون اثرن ۽ باقي ٻين گهڻن زلزلن جي ڪري پيدا ٿيون. محققن جو چوڻ آهي ته چنڊتي زلزلا، زمين جي زلزلن جي ابتڙ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي سگھن ٿا ۽ مٿاڇري تي موجود ڍانچن کي نقصان پهچائي سگھن ٿا. انهن لينڊسلائيڊنگز جي ڪري جيڪو ماڻهو مستقبل ۾ چنڊ تي پير رکڻ جو ارادو رکي ٿو، ان جي زندگيءَ کي به خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو