ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻارن جي زيادتي جي جوابدار کي ڪراچي جي عدالت ۾ هڪ متاثر ٻارڙيءَ جي ماءُ ڪٽڪو ڏنو. ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ٻارن سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي پوليس اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالتي ذريعن موجب جوابدار جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪندڙ جج جي طبعيت ناساز ٿي وئي، جنهن سبب ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو. ان ئي دوران عدالتي احاطي ۾ هڪ متاثر ٻارڙي جي ماءُ جوابدار تي تشدد شروع ڪري ڇڏيو ۽ اتي ايندڙ ٻين فريادين به جوابدار کي ڪٽڪو ڏنو. عدالت ۾ تشدد سان جوابدار جي حالت بگڙي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس ان کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.










