زوب ۾ فورسز جو  آپريشن، 18 خارجي مارجي ويا

زوب ۾ فورسز جو آپريشن، 18 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 18 فتنه الهندستان جا خارجين کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته سيڪيورٽي فورسز 24 فيبروري تي ضلعي ژوب ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران 8 هندستاني سرپرست خوارج کي ماري ڇڏيو.25 فيبروري تي هندستاني پراڪسي بغاوت خوارج جي لڪيل عنصرن جي ڳولا لاءِ هڪ جامع ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فورسز مختلف رستن تي خوارج جي حرڪتن کي ڳولي ورتو ۽ خوارج جي لڪائن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو.آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ 10 هندستاني سرپرست خوارج مارجي ويا. مارجي ويل خوارج کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو.مقتول خوارج علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به هندستاني سرپرست دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف مهم استحڪام جي عزم جي ويزن تحت جاري آهي، ۽ سيڪيورٽي فورسز پرڏيهي سرپرستي واري دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو