مانجهند )رپورٽ مهراڻ عمراڻي(ميمڻ برادري طرفان زمينن تي قبضي لاءِ ڪوڙا ڪيس ڪندڙ بااثرن خلاف وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي شوڪت علي ميمڻ برڪت ميمڻ اعجاز علي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت بااثر خدا ڏنو ڏيٿو ديهه ڪوريچاڻي ۾ سندن وڏن جي سروي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪندي سندن خلاف ٿاڻن آفيسرن مختلف لاڳاپيل ادارن وٽ درخواستون ڪري کين حراسان ڪري رهيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته چڱن مڙسن جي فيصلن ۾ زمين کين ڏياري وئي تنهن هوندي به قبضا مافيا کين ڪوڙين درخواستن ذريعي تنگ ڪري رهيو آھي ھنن چيو ته سڄي علائقي جي عوام کي خبر آھي ته سندن ابا ڏاڏا زمين آباد ڪندا اچن مختيارڪار تپيدار به جانچ ڪري سندن حق ۾ رپورٽ ڏني آھي جڏهن ته بااثر ڪيترن ئي غريبن کي جعلي ڪاغذن ذريعي بليڪ ميل ڪري رقمون وصول ڪندو رهيو آھي هنن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبوڪيو ته قبضي جي ڪوشش ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو.










