لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي فاسٽ بالر زمان خان پنهنجي فٽنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ منفرد انداز ۾ ٽريننگ ڪندي مٽيءَ جي گاري ۾ ٽريننگ لاءِ لهي ويو،زمان خان سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي مٽيءَ ۾ ڊوڙڻ جي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته زمان خان فيلڊنگ جي انداز ۾ مٽيءَ ۾ ٽريننگ ڪئي ۽ پش اپس پڻ ڪيو. ياد رهي ته زمان خان ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا ۾ ليگ کيڏڻ بعد وطن واپس آيو هو.










