ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا زرنش خان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي فيشن سينس جي واکاڻ ڪئي آهي. زرنش خان ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر سان گڏ جيو نيوز جي پروگرام جشن ڪرڪيٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن تي خيالن جو اظهار ڪندي زرنش خان چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان ڪري عوام صبر کان ڪم وٺي. زرنش چيو ته عمران خان جهڙو ايماندار ليڊر خوش قسمتن کي ئي ملي سگهي ٿو. اداڪارا چيو ته مريم نواز جهڙو فيشن سينس ڪنهن کي به ناهي. ان دوران وسيم اختر ۽ زرنش خان 500 ريس ۾ عامر خان جو رڪارڊ ٽوڙي نه سگهيا.










