اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي خاتون اول بڻائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.پيپلزپارٽي موجب آصفه ڀٽو ريڊاري کي خاتون اول جو درجو ڏنو ويندو، صدر آصف زرداري آصفه ڀٽو کي خاتون اول جو باضابطا اعلان ڪندو.آصفه ڀٽو کي خاتون اول جو پروٽوڪول ڏنو ويندو ۽ هوءَ پهرين خاتون اول هوندي جيڪا صدر جي ڌيءَ آهي.










