لاهور (ويب ڊيسڪ) جهانگير خان ترين چيو آهي ته رڳو منهنجي شگر ملز جي معاملي کي ڇو اُڇليو پيو وڃي، ڇا شهباز شريف سوڌو ٻين 80 شگر ملز ۾ ڪوبه اشو ناهي، جهانگير ترين پنهنجي خلاف ڪيسز تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس خلاف ڪيس ڄاڻي واڻي ايف آءِ اي کي ڏنو ويو، مني لانڊرنگ جو لفظ شامل ڪري اُن کي ڪرمنل ڪيس بڻايو ويو، ڪيسز جو کنڊ جا اگهه وڌڻ سان ڪوبه واسطو ناهي، ڪمپني جي 10 سال اڳ ٿيل فيصلن کي چئلينج ڪرڻ ايف آءِ اي جو ڪم ناهي، لڳي ٿو رٿابندي تحت شيون ليڪ ڪيون وينديون آهن. مان خبردار ٿو ڪريان ته ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو صبر جو پيمانو لبريز ٿئي، مون وات کوليو ته هنن جون رڙيون آسمان تائين پهچنديون.










